اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملڪيتون (قبضن جو خ??تم??) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خ??تم?? آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خ??تم?? تي ??رچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خ??تم?? لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ??ربيونل جوڙيندو، سرڪاري ملڪيتن تي قبضن جي خ??تم?? بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ??ربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ ??رائيويٽ ??ارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ ??رائيويٽ ??ارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.