اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذو?? ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا م??تص ڪيا آهن. نوجوانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي در??يش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي در??يش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذو?? ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون سان هنر جي فراهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذو?? ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا م??تص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي ??فس??س جو اظهار ڪيو ته آگاهي جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران ??يش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.