اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (??سي??) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فو??م آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اق??صادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فو??م جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ا??جنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ ??سي?? جي مستقبل جي ا??م مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي ا??شيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ??سي?? فو??م جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ??سي?? فو??م کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي ا??ن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.