اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لاقات ۾ بلوچستان جي ترقي خاص طور ت?? گوادر لاءِ بجلي جي فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن جي جلد کان جلد تڪميل بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ا?? موقعي تي صوبي کي سردي جي موسم ۾ گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ ڪوئيٽا ڪراچي شاهراهه جي تعمير بابت معاملا به بحث هيـٺ آيا.