اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، سياحت جي ??عبي ۾ انساني وسيلن جي کوٽ تربيت سان پوري ڪري سگهجي ٿي، سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن ۾ بهتري سان ان شعبي کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهاڙن جي ??المي ڏينهن جي مناسبت سان ”پهاڙن ۾ پائيدار سياحت ۽ راندين جي ??رقي“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي سياحت جو وڏو شوق آهي، پاڪستان دنيا جي ??وبصورت ملڪن مان هڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جا بي شمار مذهبي ماڳ ۽ آثار آهن، ملڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي، سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، هن چيو ته قدرتي ماحول سان وقت گذارڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، سياحت سان گڏوگڏ ماحول کي به بچائڻو آهي، وقت سان گڏوگڏ سياحتي ماڳن تي دٻاءُ وڌيو آهي، صدر چيو ته نامناسب منصوبابندي جي ڪري سياحتي ماڳن جو حسن خراب ٿيو آهي، آلودگي ۽ تيزي سان تعميرات جي ڪري به دلڪش نظارن جي ??وبصورتي متاثر ٿي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي حسن جي ??ولت سان مالا مال ڪيو آهي، پاڪستان فطرتي حسن جي ڪري سڄي دنيا مان سياح پاڪستان ايندا آهن، ڪورونا وبا دوران عالمي سطح تي آمدرفت بند هجڻ جي ڪري مقامي سياحن پاڪستان جي قدرتي حسين مناظر ڏسڻ لاءِ سياحتي ماڳن جو رخ ڪيو جنهن سان پاڪستان جي قدرتي حسن کي تهشير ملي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حسين مناظر مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياح ڇڪجي ??يندا آهن، گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادي کان وڌيڪ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، مقامي آبادي انهن سياحن کي پنهنجي گهرن ۾ قيام ۽ طعام جي ??هولت فراهم ڪندي آهي، بئنڪن پاران مقامي آبادين کي انهن جي گهرن جي ??وسيع لاءِ بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مقامي آبادي کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي سياحت جي ??عبي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سياحتي سهولتن جي ??لب تمام گهڻي آهي پر ايتري سهولت دستياب نه آهي. صدر چيو ته سياحت جي ??عبي بابت لاڳاپيل انساني وسيلن جي کوٽ آهي، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت ماڻهن کي سياحتي شعبي سان لاڳاپيل صنعتن جي ٽريننگ ڏيڻ جي ??رورت آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي يونيورسٽين ۾ گائيڊز، هوٽل مينيجرز ۽ ڊرائيورز جي ??ارٽ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سياحتي شعبي بابت سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آ??ي وڌ کان وڌ ماڻهن کي سياحت طرف متوجهه ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان پاڻ سياحت ۽ خوبصورت نظام کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي ملڪ ۾ سياحت کي تيزي سان فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي دنيا کي پنهنجي ملڪ جا خوبصورت ماڳ ڏيکارڻا آهن، ان سان ملڪ ۾ روينيو به ايندو. ان موقعي تي ڪوهه پيما محمد علي سدپاره مرحوم سميت ٻين هيروز لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلند ترين چوٽيون سر ڪندڙ ڪوه پيمائن ۾ ايوارڊز ورهايا.