اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا آهن ۽ ملڪ جي سمورن بارڊرز کي بند ڪي?? ويو آهي. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام پريشان ۽ گهٻرا??ڻ بدران وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون ا??تيار ڪري.