اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته شهباز شريف ??ي گرفتاري جو هڪ سبب غيرقانوني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف ??ه اهڙي طرح غيرقانوني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف ??ڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊ?? ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.