اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي ش??ح ۾ ??ضا??و ڳڻتي جوڳو آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال ??ڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ??ري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آهن، جيڪڏهن ماڻهو احتياط ??ن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان کٽي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.