اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني ل??نڊ??نگ جي ڪمائي ب??ائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان ا??هو شرمناڪ طريقو جنهن کي سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ ا??تع??ال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪاسي آهي. ڪرپشن ۽ مني ل??نڊ??نگ جو اهو دور اسان جي سياسي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو ا??تع??ال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني ل??نڊ??نگ جي لاءِ پنهنجي سياسي قوت ا??تع??ال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم نالي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري ب??جندڙ بدعنواني ۽ مني ل??نڊ??نگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.