اسلام آباد – 21 – مئي (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پ??ڪ جي ترقي کي ??لن?? معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ??هي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پ??هنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??هنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ??ه هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين دوستي کي نئين ??لن??ين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ??ه چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پ??رو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.