اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڻي ذخيرن جي تعمير ملڪي توانائي جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپڊا جي چيئرمين ليفٽينن?? جنرل (ر) مزمل حسين سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپڊا چيئرمين وزيراعظم کي ڊيڪيڊ آف ڊيمز (ڊ??من جو ڏهاڪو) تحت پاڪستان ۾ جاري وڏن ڊ??من جي تعمير تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊ??من جي تعمير ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاني جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين ڊيمز جي تعمير وقت جي اهم ضر??رت آهي، نئين ڊيمز جي تعمير پاڻ?? سان گڏوگڏ ملڪي توانائي جي ضر??رتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سستي بجلي جي فراهمي پن يقيني بڻائيندي.