اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا، پاڪستاني ميڊيا خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آزاد آهي، جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني جي باوجود اقليت جي حقن جو تحفظ اڻٽر آهي، ڀارت ۾ موجوده نظام کي حقيقي جمهوريت سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، ڀارت ۾ اڪثريت جي حڪومت آهي تنهن هون??ي به اقليتن جي حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه هن جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، منصوباندي واري وفاقي وزير اسد عمر، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، ماهر قانون احمر بلال صوفي، قائداعظم يونيورسٽي جي پوليٽيڪس اينڊ آءِ آر ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن فرحان صديقي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. وفاقي وزير ??يو ته 13 هين صدي ۾ ”ميگناڪارٽا“ جي رائٽس بل جمهوريت جو داغ بيل …….. وڌو. جديد دور ۾ ميگنا ڪارٽا جو ايونٽ 1215 ۾ ٿيو ۽ ان کانپوءِ بل آف رائٽس جو ايونٽ 1628ع ۾ ٿيو، ميگنا ڪارٽا ۽ بل آف رائٽس مارڊرن ڊيموڪريسي کي اپنايو، هن ??يو ته موجوده دور انفارميشن جو آهي، جمهوريت ۽ انفارميشن جو چولي دامن جو ساٿ آهي، پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا، هن ??يو ته پاڪستان جو هڪ وڏو مثال آهي جنهن جو بنياد ئي قائداعظم محمد علي جناح جهڙي اڳواڻ جمهوريت تي رکيو. هن ??يو ته جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني جي باوجود اقليت جي حقن جو تحفظ اڻٽر آهي، هن ??يو ته جمهوري ٽن بنيادي ٿنڀن تي بيٺل آهي جنهن ۾ انساني حقن، قانون جي حڪمراني ۽ حصيداري شامل آهي، ان مان جيڪڏهن هڪ ٿنڀ به نه هجي ته جمهوريت متاثر ٿيندي آهي، هن ??يو ته ڀارت ۾ موجوده نظام کي حقيقي جمهوريت سان تعبير نٿو ڪري سگهجي، هندستان ۾ اڪثريت جي حڪومت آهي تنهن هون??ي به اقليتن جي حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته خطي جي سمورن ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ميڊيا سڀ کان وڌيڪ آزاد آهي، بدقسمتي سان هڪ فيڪ آرڊيننس تي پنج ڏينهن کان وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وزير جي خلاف ميڊيا ۾ اشتهار شايع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان وٽ سياسي پارٽيون ملڪ ۾ جمهوريت چاهين ٿيون تنهن هون??ي به پنهنجي اندر جمهوريت آڻڻ جي خلاف آهن، هن ??يو ته ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ اهڙو مثال موجود آهي ته هڪ پارٽي جو سربراهه وصيت تي مقرر ٿئي، هن ??يو ته ڪيترائي ڀيرا نواز ۽ زرداري حڪومت لاءِ پاڻ ۾ ملي ويا ۽ وري پنهنجي مفادن تي هڪ ٻئي جي خلاف به رهيا، ماضي ۾ مولانا فضل الرحمان حڪومت جو حصو رهيو، هن ??يو ته بدقسمتي سان آئيني ادارن جي اندر خود احتسابي جو نظام به وقت سان گڏ زوال پذير ٿيو، هن ??يو ته پاڪستان ۾ ميڊيا چوي ٿو ته اهو سڀني تي تنقيد ڪندو تنهن هون??ي به ان کي ڪو ريگوليٽ نٿو ڪري سگهي، وفاقي وزير ??يو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو آهي ته سڀني کي قانون جي تابع ٿيڻو پوندو. جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بنيادي انساني حقن جو تحفظ اڻٽر آهي.