اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊي??ر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) تي زور ڏنو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي نفاظ لاءِ ق??م کنيا وڃن ته جيئن سرڪاري کاتن ۾ بي ضابطگين جو خاتمو ٿي سگهي، آءِ ٽ?? تي ٻڌل آڊٽ جي جديد ٽيڪنڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??يو جيڪي پبلڪ فنانس جي انتظام سان گڏوگڏ بدعنواني جي خاتمي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿينديون.
صدر اها ڳالهه آڊي??ر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل سان ملاقات دوران چئي جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آڊي??ر جنرل صدر کي سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بنائن ۾ اي جي جي آفيس جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. صدر رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ اي جي پي کي چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن وٺڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه اچي.