اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سرياب ر??ڊ ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ??ه دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهن، رهيل سهيل دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائي رهي ??هي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي مغ??رت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.