مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران پهرين ڏينهن ڇنڇر جي رات وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراع??م عمران خان پاڪستان جي ??من ۽ خوشحالي کانسواءِ مسلمان امت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ وزيراع??م عمران خان مدينه منوره پهتو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وزيراعظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وزيراع??م عمران خان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراع??م عمران خان جڏهن جده پهتو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وزيراع??م عمران خان سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ س??حي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. وزيراع??م عمران خان ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراع??م عمران خان سعودي عرب ۾ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ س??حي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ته وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراع??م عمران خان سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحوليات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.