اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرم??ن ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايو??ن صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرم??ن ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جو گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه جي عملي سبقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڇي. هن چيو ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ ر??هه مشعل آهي، مسلمانن جي لاءِ لازمي آهي ته هو ڪنهن جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ??ڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهترين سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان موقعي تي ??لڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ??اڻهن جي رهنمائي لاءِ ايو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.