اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر ??يدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ??نٽرنيشن?? ميري ٽائم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چو??ڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ??المي ميري ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ??ڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي ??اراهيو.