اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي لاهور انارڪلي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪ??ي. ??ينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته اهڙي طرح جي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، ده??تگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، هن چيو ته ملڪ دشمن عنصرن کي ملڪ ۾ قربانين سان حاصل ڪيل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سڀئي ادار?? ۽ ??وام کي ق??م جي حيثيت سان متحد ٿي ڪري ده??تگردي جو خاتمو ڪرڻو پوندو.