اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هائوسنگ واري وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ و??ول?? ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ گهٽ لاڳت جي گهرن جي ت??مير جي منصوبي جي اڳڀرائي تي تفصيل?? کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ماڻهن کي گهرن جي باعزت فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.