اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته مخالف ڌر گهٻرائٽ جو شڪار آهي، فضل الرحمان، شهباز شريف ?? زرداري اسان ج?? ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙي لوٽاڪريسي کي عوام سختي سان رد ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان نه اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو، وزيراعظم جا تازا جلسا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته عوام ان تي مڪمل اعتماد ڪري ٿي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ڪور ڪميٽي وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪور ڪميٽي ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال، خاص طور تي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا، ان کانسواءِ اسان ج?? سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين ??يو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿي آهي. بي اعتمادي رٿ ستل شينهن کي اٿاري ڇڏيو آهي. اڄ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن عمران خان ج?? ڪال جا منتظر آهن. هن ??يو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ڪڏهن بليڪ ميل ناهي ٿي، ٽن ڄڻن ج?? ٽولي جو اهو آخري حربو هوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت حسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو آهي. سڀئي اتحادي اسان سان گڏ رهندا، حڪومت، سياست ۽ مستقبل اسان وٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته ثابت ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ واحد وفاقي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، عمران خان واحد وفاق جو اڳواڻ آهي، انهي جي ڪري مخالف ڌر جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن، مخالف ڌر اسان ج?? مقابلو ڪرڻ کان پهرين عوامي ريفرنڊم ڏسي وٺي، ماڻهو ڪٿي بيٺل آهن، فضل الرحمان، شهبازشريف ?? زرداري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام اهڙي طرح جي لوٽاڪريسي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان ج?? جن ميمبرن کي آڇ ڪئي وئي انهن پارٽي ۾ اچي اسان کي ٻڌايو، اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سڄي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي، اڄ ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي آهي، صحت ڪارڊ سان ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر آيون آهن. تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي. تحريڪ انصاف رڪارڊ سڌارا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن ??يو ته اسان ج?? مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن ج?? دولت ٻاهرين ملڪ پيل آهي. آصف زرداري، نواز شريف ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن کي ڊپ آهي ته ڪٿي انهن ج?? ٻاهرين ملڪ دولت ضبط نه ٿي وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان اڄ آزاد پرڏيهي پاليسي تي گامزن آهي. اڄ پاڪستان کي ڪير ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. هن ??يو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ج?? ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسان ج?? خواهش آهي ته اهڙو شيڊول جوڙيون ج?? او آءِ سي اجلاس متاثر نه ٿئي. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي رستي تي گامزن آهي، تحريڪ انصاف جي اوورسيز ڪنوينشن ۾ پوري دنيا کان پاڪستانين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته شيخ رشيد صاحب اسان ج?? اتحادي آهي، ڪالهه هن پنهنجي بيان ج?? وضاحت ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن ج?? خواهش آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر کي ڪرڻو آهي چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول او آءِ سي ڪانفرنس سان ٽڪراءُ ۾ نه هجي، انهن مشڪرن ج?? اها آخري راند آهي، اڳئين چال اسان هلنداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين ج?? سوالن ج?? جواب ۾ ??يو ته پي ٽي آءِ جو ڪو اهڙو ميمبر نه آهي جيڪو ان موقعي تي عمران خان سان غداري ڪندو. اسان ج?? هڪ ميمبر کي 16 ڪروڙ ۽ هڪ کي 20 ڪروڙ روپين ج?? آفر ڪئي وئي، هن ??يو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ناراض نه آهي، گلا شڪوه ٿيندي رهندي آهي، پر سڀ گڏ آهيون، توهان مخالف ??ر کي هٿ مهٽيندي ڏسندا.