اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آ??ي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيا?? ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خ??اف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو آ??يان، انهن ??ي ڪوششن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آ??ي، نئون ڏينهن ??چڻ وارو آ??ي، ع??ام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن ??ان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن ??ان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيا?? ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو آ??يان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.