اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي اهم اداري جي خلاف گذريل ڏينهن جيڪو زهر اوڳاڇي?? ويو حقيقت ۾ ا??ا پاڪستان جي خلاف سازش آهي، جيڪڏهن ان جو رستو نه ر??ڪي?? ويو ته شام ۽ ليبيا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، گذريل حڪومت ۾ ملڪ جي مجموعي قرضن جي شرح ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکي?? ويو، ڏينهن رات چور ۽ ڦورو جو راڳ آلاپي قوم کي ورهاي?? ويو، جيڪڏهن ان جو نوٽيس نه ورت?? ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو، جن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ آهي اسان ان جو نوٽيس وٺنداسين. قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر نور عالم خان پاران خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي صورتحال جي حوالي اعتراض واري نقطي تي وزير??عظ?? شهباز شريف خيبرپختونخواهه صوبي سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چيو ته پهرين مئي کانپوءِ لوڊشيڊنگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي پر معزز ميمبر جي ڳالهه کي رد نه ڪندس. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته جڏهن اسان ساڍا ٽي هفتا اڳ اقتدار سنڀاليو ۽ هڪ جهرلو ۽ ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت کان آئيني طريقي سان جان ڇڏرائي. ماضي جي حڪومت تيل ۽ گئس وقت تي نه خريد ڪئي وئي، جڏهن دنيا ۾ گئس 3 ڊالر في يونٽ هئي ان وقت نه گهرائي وئي ۽ مهانگو تيل خريد ڪيو. هن چيو ته سستي ترين گئس نه خريد ڪري ملڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچاي?? ويو. هن چيو ته سال ۾ هڪ ڀيرو بجلي جي پلانٽس جي مرمت ٿيندي آهي، اڳوڻي وزير??عظ?? نواز شريف جي دور ۾ اهو فيصلو ٿيو هو ته انهن پلانٽس جي مرمت سردين ۾ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي لوڊشيڊنگ کي منهن نه ڏيڻو پوي پر اڳوڻي حڪومت ان فيصلي جي پرواهه نه ڪئي. هن چيو ته اسان گئس جا ٽينڊر به طلب ڪري ورتا آهن. ملڪ کي ان وقت ساڍا 5 هزار ارب رپين جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو درپيش آهي. 2018ع کانپوءِ پاڪستان جي مجموعي قرضن ۾ 80 کان 85 سيڪڙو اضافو ڪي?? ويو پر ملڪ ۾ هڪ نئين سرهه تائين نه رکي وئي. وزير??عظ?? چيو ته قرضن جي بار سان ايندڙ نسلن کي پڻ گروي رکي?? ويو ۽ قوم جو وقت ضايع ڪي?? ويو. شهباز شريف چيو ته ڏينهن رات چور ۽ ڦورو جو راڳ آلاپي?? ويو جنهن سان قوم ۾ ورڇ ٿي چڪي آهي ۽ هر طرف اهو زهر پکڙجي ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اهو چيو آهي ته مون اهو خط لکيو ته ڌمڪي آميز لفظ ضرور آهن پر سازش جو لفظ هن استعمال ناهي ڪيو. هن چيو ته هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي قوت جي حوالي سان ڇا چيو اهو رڪارڊ جو حصو آهي. هن چيو ته اسان کي اڳ ۾ به ڌمڪيون ملنديون رهيون، ڌمڪين جي تاريخ تمام گهڻي ڊگهي آهي، ان ۾ سازش جو عنصر ڪٿان نڪتو آهي. عمران خان گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ سراج الدوله ۽ مير جعفر جا نالا وٺي ادارن کي نشان بڻايو، ان کان ڪڌي حرڪت ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي. هن اداري جي خلاف زهر اوڳاڇيو ا??ا پاڪستان جي خلاف سازش آهي. جيڪڏهن ان جو رستو نه ر??ڪي?? ويو ته شام ۽ ليبيا جي صورت پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هي ملڪ قائد??عظ?? جي تحريڪ ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جو ثمر آهي. هن چيو ته آئون بنا ڪنهن خوف ۽ ترديد اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ان مقتدار اداري اڳوڻي حڪومت جي ڀرپور سپورٽ ڪئي پر ان جي باوجود اها بري طرح ناڪام ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻي حڪومت کي اهڙي قسم جي سپورٽ حاصل ها ته ملڪ کي ترقي کي پَر لڳي وڃن ها. هن چيو ته جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي ان کي آئين 7 قانون جي دائري ۾ رهندي نه ر??ڪي?? ويو ته ڀونچال اچي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن جمهوريت جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظام اچي ويو ته اهو خطرناڪ هوندو. وزير??عظ?? چيو ته ان سازش جو نوٽيس نه ورت?? ويو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه نه بچندو. هن ايوان کي يقين ڏياريو ته هو خيبرپختونخواهه ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندو. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته وزير??عظ?? عيد کان اڳ اعلان ڪيو هو ته پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، وزير??عظ?? جي ان اعلان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته گيهه، کنڊ ۽ اٽو ڇو مهانگو ٿي رهيو آهي. غريب ماڻهو اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهن. حڪومت کي دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا. جن ماڻهن لوڊشيڊنگ جي حوالي سان حڪم جي انحرافي ڪئي آهي انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.