اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر چيو ته ڪمپني باهه لڳ?? وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رق?? ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪلي?? ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدرا?? صدر کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي باهه لڳڻ جي انشورنس ڪلي?? ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.