ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن س??ن پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ??ها??ي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن س??ن انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪ??مير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ استحصال ??ها??ي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.