اسلام آباد -16 آ??سٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي اڳوڻي گهرو وزير ڪرنل (ر) شجاع خانزاده کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته هو بهترين دوست ۽ اسان جي پارٽي جو وفادار ۽ مخلص اڳواڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ سٺو انسان هو. اڱاري ڏينهن ڪرنل (ر) شجاع خانزاده جي ستين ورسي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرنل (ر) شجاع خانزاد?? پنهنجي حياتي کي درپيش خطرن جي پرواهه نه ڪندي پنجاب جي گهرو وزير جي حيثيت سان دهشتگردي خل??ف جنگ جي قيادت ڪئي.