اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گر??ي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻج?? رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گ??وبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ?? پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ?? پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻ?? پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستان جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ عالمي حد?? جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به مل?? جي ٻيلن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئن?? جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.