اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي ??ظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ??وڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي ??دايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پي اي ايف فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪيو پيو وڃي. چيف آف دي ايئر اسٽاف جي انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ??ور??نهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فراهم ڪرڻ آهي. پي اي ايف جي سمورن برانچز کي ??دايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ تعاون فراهم ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي ??ظر ۾ رکڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪيو ويو آهي. اثرائتي انتظامن لاءِ ريجنل ايئر ڪمانڊز تحت 3 رليف زونز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي اي ايف اي??ر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ??ور??نهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ايئر سپورٽ برج قائم ڪيو پيو وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائم ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پي اي ايف هيلپ ڊيسڪ مان ٻ??ڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.