گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گر??يء?? جي شديد لهرن سبب آفريقا جي سامونڊي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد موسم غريب ملڪن کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿي. اها ڳالهه ريڊ ڪراس ۽ گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان گڏيل طور تي شايع ڪيل دستاويز ۾ ٻُڌائي وئي ??هي. دستاويز مطابق وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ انساني تباهيءَ کي جنم ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ شديد گر??يء?? جون لهرون ايندڙ ڏهاڪن ۾ دنيا جي ڪجهه علائقن کي عملي طور تي ناقابل رهائش بڻائي سگهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ شديد گر??يء?? جون لهرون خطرناڪ شرح سان وڌي رهيون آهن، ان جي اثرن ۾ وڏي پيماني تي آفتون، قيمتي جانين جو نقصان، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ عدم مساوات ۾ اضافو شامل آهي. ان حوالي سان وڌيڪ آباديءَ وارا شهر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ علائقن ۾ شامل آهن، گڏيل قومن 2050ع جي ڏهاڪي تائين شديد گر??يء?? جي حالتن ۾ رهندڙ شهري غريب ماڻهن جي انگ ۾ 700 سيڪڙو اضافي جو ڪاٿو لڳايو ??هي. دستاويز مطابق سخت گر??يء?? سان مستقبل ۾ ٿيندڙ فوتگين جي شرح حيران ڪندڙ حد تائين وڌي سگهي ٿي جيڪا صديءَ جي آخر تائين ڪينسر يا ڪيترن ئي ٻين بيمارين سان ٿيندڙ مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اٽڪل گرمي پد ۾ اضافي ۽ وري وري گرمي جي لهرن سان زراعت ۽ چوپائي مال جي نظام کي نقصان، قدرتي وسيلن جي تباهي، بنيادي ڍانچي کي نقصان ۽ لڏپلاڻ ۾ اضافي جو به انديشو آهي، ان سان گڏوگڏ شديد گرم موسم سبب سڄي دنيا ۾ 2030ع تائين معاشي نقصان 24 کرب ڊالرن کان وڌي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق شديد گر??يء?? جون لهرون 2003ع ۾ يورپ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ فوتگين ۽ 2010ع ۾ روس ۾ 55 هزار کان وڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجي چڪيون آهن. دستاويز مطابق ان حوالي سان بدترين نتيجن کان بچڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي، جن جو مقصد ماحولياتي تبديلين جي رفتار سست ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ، شديد گر??يء?? جي لهر بابت وقت سر ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ گرمي کي گهٽ ڪندڙ رهائشي منصوبن ۾ سيڙپڪاري سرفهرست هجڻ گهرجي.