اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملي?? ڊالر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ??مد??د جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملي?? ڊالر جي انساني ??مد??د جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي ??مد??د جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.