اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ايڊيشنل ججن جي مستقلي ج?? منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج طور مستقلي ج?? منظوري ڏني. صدر مستقلي ج?? منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 جي تحت ڏني.