اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشن?? آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهر??ن مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن هوائي اڏن کي انٽرنيشن?? آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ??يو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ??يو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشن?? آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهر??ن مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن هوائي اڏن کي انٽرنيشن?? آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. انٽرنيشن?? آپريٽرز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشن?? آپريٽرز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽين??ي ??ا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشن?? آپريٽرز هوائي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوائي اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ تر??ن معيارن ۽ ملڪي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوائي اڏن جو انتظام هلايو پيو وڃي.