اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ??ام??س اينڊ انڊسٽري ??ي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپاري ??رادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي استحڪام آڻڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا حل ڪرڻا پوندا، سياسي ۽ جمهوري ??مل جي خلاف اٿندڙ آوازن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ??يڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ??ام??س اينڊ انڊسٽري ??ي صدرن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ??ام??س، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ??ام??س، اپٽما، پاڪستان پولٽري ??يسوسيئيشن ۽ استاڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ??ام??س ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪرڻ ضروري ??هي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري ??گهجي جيڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملند??. ه?? وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪل فيصلن تي رضامند ڪري ??گهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ متفقه تاريخ جي تعين جي لاءِ فوري ??ور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي ارادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوتن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جمهوري ??ريقيڪار جو سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي پيداوار ۽ چرپر جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي بچت جي هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ??ن لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري ??گهجي ٿو. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري ??گهجي پر ماحوليات کي به محفوظ بڻائي سگهج??. ه?? چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ذريعي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي مل??. ه?? وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري ??سان سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي محاذن تي قوم کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن کي حل ڪري ??گهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ??ام??س کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرج??. ه?? چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي لاءِ درخواست ڏيندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪ??ل هنرمندي جي تربيتي پروگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارت حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي مصنوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪرڻ ۾ مدد مل??. ه?? چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪاروباري ??رادري ??ي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي ماحول جي فراهمي، عورتن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي مالياتي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي نظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪاروباري ??رادري ??ي فعال شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ ٻارن جي پرائمري ??سڪولن ۾ داخلا جي شرح جي مايوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي تازه ترين رپورٽ موجب پاڪستان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آه??. ه?? چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪاروباري ??رادري ??ميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واپاري ??رادري ??ي تجويزن تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ٽرسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي رجسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۾ مدد ملند??. ه?? موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري ??رادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپاري ??رادري ??ي ٽيڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي حوالي سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپاري ??رادري ??ي نمائندن ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪيو.