لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??وس جي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري ??اڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي ا??فاق ڪيو، ??وس سان پاڪستان جي ڊگهي م??ي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??وس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??وس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. ??وس جي توانائي وزير وزيراعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ ??وس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??وس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري ??اڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي ا??فاق ڪيو. ان سلسلي ۾ ??وس سان پاڪستان جي ڊگهي م??ي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي ا??لام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ??وس بين الحڪومتي ڪميشن جي ا??لاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.