اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپ??زپ??رٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳو??ڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ ??جي?? ۽ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپ??زپ??رٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.