اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي جنرل مئنيجر (جي ايم) خالد محمود لکڻ جي خلاف هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران هنيل سزا جو حڪم برقرار رکيو آهي. جنسي هراسمينٽ ڪيس ۾ جي ايم پي ٽي وي کي نوڪري تان برطرفي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي آهي. خالد محمود کي پي ٽي ??ي ??ينٽر ملت??ن جي هڪ عورت ميڪ اپ آرٽسٽ کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب هڪ هفتي جي اندر جوابدار ??ي سزا لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر جي ايم پي ٽي ??ي ??ي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. هن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اس??ن جو مذهب ۽ قانون ٻئي اهڙي قسم جي عمل جي سخ??ي سان حوصلا شڪني ڪن ٿا، معاشري ۾ سماج دشمن ۽ عورتن کي هراسان ڪندڙن کي واضح پيغام ڏيڻ ضروري آهي، پاڪستان عورتن طرف اهڙي اڻوڻندڙ رويي کي برداشت نه ڪندو. صدر چيو ته جوابدار پاڻ ڪارروائي کي ڊيگهه ڏني ۽ بار بار التوا جو فائدو ورتو. هن چيو ته منصفاڻي ٽرائل جو حق انصاف جو مڃيل اصول آهي پر ??انوني عمل جي غلط استعمال جي پڻ ??جا??ت نه آهي، ضروري آهي ته اسان عورتن جي لاءِ عوامي ۽ نوڪرين وارين جاين کي محفوظ بڻايون، بار بار التوا جي رجح??ن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان ڪيس ۾ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب صحيح حڪم جاري ڪيو، فيصلو قانون ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي.