باغ – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 20 ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندڙ ملڪن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي والاريل سرينگر ۾ ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪ??مي??ي عوام مودي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارت اهڙي قسم جا ڊراما ڪرڻ بدران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪ??مي??ي عوام جي امنگن موجب ڪ??مي??ين کي انهن جي راءِ جو حق ڏي، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سدائين ڪ??مي??ين ج?? جدوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرينگر ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي خلاف هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن عوامي ميڙ ۾ آزاد ڪ??مي?? ۽ سڄي پاڪستان مان سياسي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، احتجاجي جلسي ۾ ڪ??مي??ين جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي انهن جو پڻ ٿورائتو آهيان، ڪ??مي??ين مودي جي جي – 20 ڪانفرنس جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، نريندر مودي والاريل ڪ??مي?? ۾ ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هن هڪ سال دوران هر فورم تي ڪ??مي??ين جو آواز موثر طور تي بلند ڪيو آهي، ڪ??مي??ي عوام سان نسلن جو تعلق ۽ ساٿ آهي، آئون پنهنجي خاندان جي ٽئين نسل آهيان جيڪو ڪ??مي??ين جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته اسان ڪ??مي??ين کي وساري ڇڏينداسين، اسان شهيدن جا وارث آهيون، سڄي زندگي ڪ??مي??ين ج?? جدوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪ??مي?? مسئلي کي تڪراري علائقو تسليم ڪيو آهي، ڪ??مي??ين کي راءِ جو حق ملڻ کانسواءِ اهو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي قراردادن موجب راءِ شماري، والاريل ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ڪ??مي??ين جي آزادي ج?? جدوجهد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڀارت اسان کي دهشتگرد قرار ڏي ٿو، اسان دهشتگردي کان متاثر ٿيا آهيون، اسان دهشتگردن جا نه دهشتگردي کان متاثر ۽ شهيدن جي نمائندگي ڪريون ٿا، جڏهن اسان مودي کي قاتل ۽ ڪاسائي چئون ٿا ته ان وقت هو روئين ٿا، جڏهن ڀارت کي آئينو ڏيکاريو ويو ته ان تي پورو ڀارت سراپا احتجاج آهي، ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، هن پاڪستاني پرڏيهي وزير جي سَر جي قيمت لڳائي، ڇا اهو ڪم دهشتگرد ڪن ٿا يا سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، اصل دهشتگرد ڀارت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪ??مي??ين ج?? جدوجهد سان ڀارت جي اصليت بي نقاب ٿي وئي آهي. هن چيو ته جي – 70 پلس چائنا ۽ او آءِ سي جي اجلاسن سميت هر فورم تي ڪ??مي??ين جو آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو ڪيل هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين نتيجاخيز ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ڀارت کي کلي ڇوٽ نه پئي ڏئي سگهياسين، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڀارتي عوام ۽ ميڊيا کي سڌوسنئون حقيقتن کان آگاهه ڪيو، انهن کي ٻڌايو ته ڪ??مي??ين ۽ مسلمانن بابت انهن کي ڪوڙ ٻڌايو پيو وڃي، اسان دهشتگرد نه آهيون، اسان امن پسند آهيون ۽ امن چاهيون ٿا، سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي ۽ گجرات تي دهشت پکيڙيندڙ دهشتگرد آهن، ڀارت ۾ ش??ت پسند تنظيمن مسلمانن سميت اقليتن ۽ دلتن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي ڇڏي ته اسان سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪ??مي?? جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪ??مي?? ۾ 9 لک ڀارتي فوج جي م??جو??گي ۾ سياحت ڪيئن فر??غ وٺندي، والاريل ڪ??مي?? جيل بڻجي چڪو آهي، ڀارت کي هتي سياحت کي فر??غ ڏيڻو آهي ته ڪ??مي??ين کي راءِ شماري جو حق ڏي. هن چيو ته ڪ??مي??ي پنهنجي آزادي ج?? جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا، دنيا جي ڪا طاقت هر ظلم ۽ حربو انهن کي آزادي کان نه ٿو روڪي سگهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪ??مي??ي عوام راءِ شماري جي ذريعي پنهنجو آزادي جو حق حاصل ڪري رهندي، اهي بندوق، دهشت ۽ طاقت جي زور تي نه پر جمهوري انداز ۾ پنهنجي راءِ شماري جو حق حاصل ڪندا. هن چيو ته نام نهاد جمهوري ملڪ ڀارت ڪ??مي??ين کي راءِ شماري جو حق ڏيڻ کان ڊڄي ٿو. هن چيو ته انهن ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن گڏيل قومن جي تسليم ٿيل قراردادن کي سامهون رکندي اصولي موقف اختيار ڪري سرينگر جي تڪراري علائقي ۾ جي – 20 سياحت ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، چين، ترڪيه ۽ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جو انهن مودي جي دعوت رد ڪري ڇڏي، ان ڪانفرنس ۾ جيڪي ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن انهن گهٽ سطح جا نمائندا موڪليا آهن ۽ اهي احتجاج طور ان ۾ شريڪ ٿيا آهن. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي انعقاد جي ذريعي ڀارت جو مقصد پورو نه ٿيو، هو دنيا کي اهو ڏيکارڻ چاهيندو هو ته والاريل ڪ??مي?? ۾ حالتون معمول تي آهن جڏهن ته ناڪام ڪانفرنس سان ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿيو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته ڀارت گذريل 70 سالن دوران ڪ??مي??ين جي خلاف ڏاڍ جو هر حربو استعمال ڪيو آهي، ڀارت جو ڪو به حربو ڪ??مي??ين جي آزادي جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو، ظلم ۽ ڏاڍ سان انهن جا حوصلا ڪمزور نه ٿيا، ڀارت هاڻي جي – 20 ڪانفرنس جو سهارو ورتو آهي پر ان کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پاڪستان جو هر ٻار ڪ??مي??ين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽئين نسل ڪ??مي??ين جو ڪيس وڙهي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي باغ پهچڻ تي عوام جي سمنڊ ان جي ڀرپور آجيان ڪئي.