اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بارودي ذهن ۽ ??ل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسن س??ن گڏوگڏ تاريخي، نادر ۽ ناياب ورثي ريڊيو پا??ستان پشاور کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پا??ستان پشاور جي سڙي ويل عمارت جي وڊيوز شيئر ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل، منظم منصوبابندي ۽ ذهن س??زي تحت وطن فروشن 9 مئي تي ريڊيو پا??ستان جي عمارت کي باهه ڏئي وڏو ڏوهه ڪيو. ريڊيو پا??ستان پشاور تان آزادي ۽ پا??ستان جي قيام جو تاريخي اعلان ٿيو هو. 1932ع ۾ قائم ٿيندڙ هي قديم ترين ريڊيو آهي جيڪو بنا تار لهرن جي خالق مارڪوني ان وقت جي سرحد جي وڏي وزير (موجوده خيبرپختونخواهه) عبدالقيوم خان جي درخواست تي تحفو ڏنو هو ۽ نصب ڪرڻ هو پا?? لنڊن مان هتي آيو هو. هن چيو ته بارودي ذهن ۽ ??ل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسز سان گڏ تاريخ ئي ساڙي ڇڏي، نادر ۽ ناياب ورثو راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. گهڙي وڪرو ڪندڙ تاريخي تحفو اناءَ جي باهه ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيو.