اسلام آب??د ?? 13 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري ر??ندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد جاري ر??يو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشميرين جي ش??ادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪي??. ت??جمان چيو ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي ر??و پنهنجي حقن جي مطالبي تي ش??يد ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي ش??يد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جاري ر??يو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري ر??ندو.