اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قر??ن پاڪ جي بي حرمتي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قان??نن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قر??رداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قر??ن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قر??ن جي لا??ِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي لا??ِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لا??ِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لا??ِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي لا??ِ تيار آهي.