ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? چيو آهي ته وفاق، سنڌ حڪومت، ڊونرز سان گڏجي ٻو?? متاثرين جي لاءِ 20 لک گهر ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، اهڙو بنيادي ڍانچو جوڙڻ اولين ترجيح آهي جنهن سان مستقبل ۾ ڪنهن به ٻو?? واري صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ٻو?? متاثرين کي گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻا حق ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تاريخ جي بدترين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻو?? آئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پاڻ ٻو?? سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. هن چيو ته ٻو?? جي تباهين کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج هو، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن اين ڊي ايم ??ي سان گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته ٻو?? دوران سرنديءَ وارن ماڻهن دل کولي متاثرين جي مدد ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح آهي ته اهڙو بنيادي ڍانچو جوڙيو وڃي جنهن سان مستقبل ۾ ڪنهن به ٻو?? واري صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حبيب بئنڪ لميٽيڊ ٻو?? متاثرين جي لاءِ سنڌ جي 2 ضلعن جي ٻن ڳوٺن ۾ گهر ٺاهي نيڪي جو ڪم سرانجام ڏنو آهي، ڪيپٽن رٽائرڊ شجاعت عظيم ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ٽانڪ ۾ پڻ ٻو?? متاثرين کي هڪ سئو گهر فراهم ڪيا. شهباز شري?? چيو ته وفاق، سنڌ حڪومت، ڊونرز سان گڏجي ٻو?? متاثرين جي لاءِ 20 لک گهر ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي، ان منصوبي سان ٻو?? متاثرين جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. وزيراعظم اين ڊي ايم ??ي، پي ڊي ايم ??ي، صوبائي ۽ وفاقي ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي ٻو?? متاثرين جي بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثرين کي گهر حا??ل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ڪمشنر حيدرآباد منصوبي بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ڄامشورو جي ڳوٺ قادر بخش هڪڙو جي ٻو?? متاثرين کي گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻي حقن جا ڪاغذ ڏنا.