اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي ??دارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ??رقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام رحه جي ??الياني عرس جي ??نتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي ??نتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ڪئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي ??هولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي ??ياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مخ??لف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي ??قريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قس?? جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.