اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽ?? قائم ڪئي وڃي جيڪا خوراڪ جي حوالي سان ??ورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران ??ان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي ??ن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.