اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 ه??ن قومي مالياتي ڪ??يش?? (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آر??يڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 ه??ن قومي مالياتي ڪ??يش?? ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير ڪ??يش?? جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جا??يد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.