اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گ??ٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تيل جون قي??تون ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گ??ٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. قومي اسيمبلي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اوپيڪ جي باسڪٽ قي??ت ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضافو ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 ر??يا بڻجي ٿو جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 41 بدران 25 ر??يا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 24 رپين بدران 21 ر??يا اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ان جي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏکڻ ايشيا جي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قي??تون گ??ٽ آهن. هن چيو ته جنوري ۾ پيٽرول جي قيمت 116.7 ر??يا ۽ ڊيزل جي قيمت 127.26 ر??يا هئي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 42 ر??يا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 47 ر??يا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ته موجوده اضافي جي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي قيمت 17 ر??يا ۽ ڊيزل جي قيمت 26 ر??يا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 ر??يا آهي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 ر??يا في ليٽر آهي. هن چيو ته جنهن وقت عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته حڪومت عوام کي فائدو منتقل ڪيو جڏهن اضافو ٿيو ته اسان هڪ حد تائين اضافو ڪيو.