اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اف??ان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الاف??ان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين ??اري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن اف??ان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، اف??ان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اف??ان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪرا??ي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس ??و اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.