اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته مخال?? ڌر پاران نيب قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميمون تحريڪ ??نص??ف جي منشور جي خلاف آهن، عمران خان واضح ڪيو آهي ته بدعنواني تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا، مخال?? ڌر تنگ نظري جو مظاهرو نه ڪري، نيب قانونن ۾ 10 سالن تائين ترميمن تي اتفاق ??ه ٿي سگهيو، هاڻي مخال?? ڌر چاهي ٿي ته 10 ڪلاڪن ۾ ترميمون ٿين، مخال?? ڌر نيب قانونن ۾ ترميمون ايف اي ٽي ايف ۽ ڪرپشن جي نظر سان ڏسي، مخال?? ڌر کي اپيل آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي قانونسازي ۾ ڪردار ادا ڪري، نيب تي مخال?? ڌر جون ترميمون جيڪڏهن مڃيون وڃن ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف مان سهولت نه ملي سگهندي، مخال?? ڌر عمران خان يا حڪومت نه پاڪستان جي مفاد ۾ لچڪ جو مظاهرو ڪري. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان ڪجهه عرصي کان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو هو، تحريڪ ??نص??ف جي حڪومت کان اڳ ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ اچي ويو. گذريل حڪومتن جي ڪوتاهين جي ڪري ملڪ گري لسٽ ۾ ويو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ سازش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وڃي. پاڪستان جو روانگي واپار ختم ٿي وڃي، پاڪستان تي سخت ترين پابنديون لڳايون وڃن. پاڪستان جي سفارتڪاري پنهنجي ووٽ ۽ سڌارن جي حوالي سان قدم کنيا.