لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد قيصر ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي معاملن سميت ٻين معاملن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ?? پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ته الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.