اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آه?? ته بين الافغان مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ س??گ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ بين الافغان مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظ?? ۽ ??طر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آه?? ته افغان مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آه?? ته اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.