اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمورين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظ?? عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وار?? وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.