اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڪار??با?? ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضروري قاعدن جو خاتمو، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ ڪار??با??ي برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ ڪراچي جي ڪار??با??ي تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم نثار، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيصل معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر نثار، اجمل افضل ?? زبير باويجه شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل، منص??با??ندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عم??، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي عمل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪار??با??ي برادري کي درپيش مشڪلاتن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.